Page Ranking

Sindhi Books

ڪتاب جي جهلڪي


سنڌ ۽ سنڌي ڪڏهن به ختم نه ٿيندا، اهو تاريخ جو فيصلو آهي. پر اهو فيصلو تيستائين برقرار رهي نه ٿو سگهي، جيستائين اسان سنڌ ڌرتي جا سڀاڳا فرزند پنهنجي مسلسل جهد ۽ جستجو، ڪوششن ۽ ڪاوشن ذريعي سنڌ کي اهو پنهنجو ساڳيو مقام نه ٿا ڏياريون. جيڪو سندس اڄ کان ڏيڍ سو سال اڳ انگريزن جي فتح کان اڳ ٽالپرن جي دؤر ۾ هيو. يا ان کان اڳتي ڪلهوڙن، سمن، سومرن، ڏاهر، چچ، راءِ سهاسي جي دؤر ۾ هيو. جنهن وقت سنڌ پنهنجي قسمت جا فيصلا پاڻ ڪرڻ جي اهل هئي. هو ڪنهن ڌارئي حڪمران جي ذاتي پسند يا نا پسند جي محتاج نه هئي. . . اڄ منهنجي سنڌ، جيڪا اڄ کان ڏيڍ صدي اڳ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري وڃائي چڪي آهي، سا اڃا تائين ان ئي حالت ۾ آهي، جنهن وقت انگريزن جي فتح وقت هئي. سنڌين جا تخليقي جوهر، سنڌين ۾ اڳتي وڌڻ جا امنگ ۽ آرزو، سندن ذهني صلاحيتون، غلامي جي زنجيرن منجهه زنگجي

چڪيون آهن.

مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو

0 comments:

LIVE TRAFFIC FEED