جديد سائنس ڪمپيوٽر اچڻ شرط ئي هن دنيا ۾ آئي آهي. ڪمپيوٽر جديد سائنس جو پيءَ آهي. اڄ ڪلهه دنيا ۾ ليٽسٽ ٽيڪنالاجي موبائيل فون آهي، جنهن کي پڻ اڪثر سائنسي ليکڪ ميني ڪمپيوٽر جي نالي سان سڏين ٿا. مطلب ته هاڻي سائنس جون جيڪي به ايجادون ٿينديون سي ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي مان اخذ ڪيل هونديون. اسان جي سليبس ۾ هڪ عجيب فرضي سبق Age of probots ڏنل آهي، جنهن ۾ رائيٽر هڪ اهڙي پرسنل روبٽ جي ڳالهه ٿو ڪري جيڪو مستقبل ۾ انساني زندگي توڙي معاشري کي ڊرامائي انداز ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. انهي جو اثر شايد ڪمپيوٽر کان به وڌيڪ هجي، پر انهي سبق جي آخر ۾ رائيٽر چئي ٿو ته ”پرسنل روبٽ دراصل پرسنل ڪمپيوٽر هوندو جنهن کي هٿ ۽ پير لڳل هوندا“. معنيٰ ته مستقبل ۾ به ڪمپيوٽر جو استعمال ٿيندو. انسان اڳي مشين کي هلائيندو هو پر ڪمپيوٽر جي نڪرڻ کان پوءِ پروگرامنگ ذريعي اسان مشينري کي پنهنجو غلام ڪري ورتو آهي، هاڻي انسان مشين کي حڪم ڏيندو آهي ۽ مشين طاقتور هوندي، نازڪ انسان سامهون جهڪي پوي ٿو. پروگرامنگ هڪ طريقي سان مشين ۽ انسان جي وچ ۾ هڪ پل جي حيثيت رکي ٿو. مڪمل ڪتاب ڊائون لوڊ ڪرڻ لاءِ هتي ڪلڪ ڪريو |
0 comments:
Post a Comment